پيرو کٽي

پيرو کٽي: پيرو کٽيءَ جو اصل نالو احمد کٽي هو. ديهه ولهاري، تعلقي بدين جو رهاڪو هو. شاهه لطيف رح جو عقيدتمند هو. کيسَ ملير (کٿي) ٺاهڻ جو وڏو فن هوندو هو. هڪ دفعي شاهه لطيف گهنور خان جت جي ڳوٺ ويو. جڏهن اها خبر پيرو کٽيءَ کي پئي، تڏهن پنهنجي ٺاهيل خاص ملير (کٿي)، حُب مان کڻي وڃي شاهه صاحب جي ڪلهن ۾ وڌائين. قادري طريقي ۾ لطيف سائينءَ جي هٿ تي بيعت ڪيائين. انهي جذبي کي ڏسي شاهه صاحب جي خاص مريد رکئي لنڊ، پيرو کٽيءَ تان ٻه اُٺ گهوري ڇڏيا، جيئن ته اهي اُٺ، شاهه لطيف تان به گهوريل هئا، ان ڪري پيرو کٽيءَ اهي پنهنجي استعمال ۾ نه آندا. هو مرشد جي نسبت سان اُٺن جو ڏاڍو خيال رکندو هو. هن اُهي اُٺ شاهه صاحب جي هڪ ٻئي عقيدتمند سوامي درٻار کي ڏئي ڇڏيا. جتي شاهه صاحب اُٺن کي اڪثر ڏسڻ ويندو هو. پيرو کٽي سڄي زندگي پنهنجي مرشد شاهه لطيف جي محبت جا ڍُڪ ڀريندي گذاري.


لفظ پيرو کٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو